پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊن بابت پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي مڪمل، سپريم ڪورٽ سڀاڻي فيصلو ٻڌائيندي

0
160
سُپريم ڪورٽ پاران چونڊون ملتوي ٿيڻ خلاف درخواستن تي محفوظ فيصلو اڄ جاري ڪيو ويندو، فيصلو جاري ٿيڻ کان اڳ بچاءَ واري وزارت سُپريم ڪورٽ ۾ مهربند رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي
سُپريم ڪورٽ پاران چونڊون ملتوي ٿيڻ خلاف درخواستن تي محفوظ فيصلو اڄ جاري ڪيو ويندو، فيصلو جاري ٿيڻ کان اڳ بچاءَ واري وزارت سُپريم ڪورٽ ۾ مهربند رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد: پنجاب ۽ ڪي پي ۾ اليڪشن بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي مڪمل ٿي وئي آهي، جنهن بعد سپريم ڪورٽ فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي، جيڪو سڀاڻي ٻڌايو ويندو

چيف جسٽس عمر عطا بنديال ٻڌڻي مڪمل ڪندي ريمارڪس ڏنا هئا ته سمورن وڪيلن جا ٿورائتا آهيون ته جن عدالت جي مدد ڪئي، في الحال اسان اُٿي رهيا آهيون، ڪيتري دير ۾ واپس ٿا اچون، في الحال ان حوالي سان ڪجهه نٿا چئي سگهون

خيال رهي ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه(ڪي پي) ۾ چونڊن جي تاريخ جي تعين لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي مڪمل ٿي وئي آهي

گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ جي 9 رڪني بينچ ٽٽي وئي هئي، جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي کانسواءِ جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس يحيٰ آفريدي ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بينچ ڪيس جي ڪارروائي هلائي

سپريم ڪورٽ ۾ اڄ ٻڌڻي شروع ٿي ته اٽارني جنرل سپريم ڪورٽ بار جي صدر عابد زبيري خلاف اعتراض اٿاريو، اٽارني جنرل جو چوڻ هو ته عدالتي حڪم تي سپريم ڪورٽ بار جي صدر جو نالو ڪڍيو ويو هو

جسٽس محمد علي مظهر چيو ته جتي صوابديدي اختيار هجي اتي ڪنهن جي مشوري جي ضرورت ناهي

چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته اسيمبلي ٽوڙڻ جو نوٽيفڪيشن ڪير جاري ڪندو؟ عابد زبيري جواب ڏنو ته پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ جو نوٽيفڪيشن قانون واري سيڪريٽري جاري ڪيو هو

جسٽس منصور علي شاهه پڇاڻو ڪيو ته ڇا گورنر نگران حڪومت جي صلاح کي رد ڪري سگهي ٿو؟ ان تي سپريم ڪورٽ بار جي صدر عابد زبيري چيو ته نگران حڪومت جو ڪم تاريخ ڏيڻ ناهي، حڪومت جو ڪم سنڀالڻ آهي

جسٽس جمال مندوخيل چيو ته آرٽيڪل 48 چوي ٿو ته صدر جو هر قدم ۽ عمل حڪومت جي سفارش تي هوندو، آئين موجب اڄ به حڪومت گورنر کان چونڊ لاءِ پڇا ڪري سگهي ٿي، تاريخ ڏيڻ تي ڪا به پابندي ناهي، چيف جسٽس چيو ته آرٽيڪل 48 موجب اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ ته ايڊوائيس سان مشروط آهي

پيپلزپارٽي جي وڪيل فاروق ايڇ نائڪ سپريم ڪورٽ آڏو پارٽيءَ جو موقف پيش ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ هن چيو ته چونڊن جي تاريخ ڏيڻ سياسي جماعتن جو ڪم نه آهي

نون ليگ جي منصور اعواڻ عدالت کي ٻڌايو ته سندس جماعت پنهنجي اتحادين سان ڳالهايو، وڌيڪ مشاورت لاءِ وقت گهربل آهي، عدالت هن معاملي تي پنهنجي ڪارروائي جاري رکي

سپريم ڪورٽ چونڊن جي تاريخ مقرر ڪرڻ لاءِ سياسي جماعتن کي مشاورت جو حڪم ڏيندي 4 وڳي تائين موقف پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو

پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊن بابت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته حڪومت ۽ پي ٽي آءِ مشاورت سان اليڪشن جي هڪ تاريخ مقرر ڪن

 چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته اسان فيصلو ڪري به ڇڏيون ته مقدمي بازي جاري رهندي، مقدمي بازي عوام ۽ سياسي جماعتن لاءِ مهانگي ثابت ٿيندي

 جسٽس منصور علي شاهه چيو ته قانوني ڳالهين کي هڪ پاسي رکي ملڪ جو سوچيو، ملڪ کي اڳيان رکي سوچيندا ته حل نڪري ايندو

 چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ڪيس جو فيصلو اڄ ئي ڪنداسين،  عدالت کانسواءِ ڪنهن کي به چونڊن جو مدو وڌائڻ جو اختيار نه آهي، ٺوس سببن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ئي عدالت حڪم ڏئي سگهي ٿي

هن کي به پڙهندا

سپريم ڪورٽ: چونڊن جي تاريخ مقرر ڪرڻ لاءِ سياسي جماعتن کي مشاورت جو حڪم

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس يحيٰ آفريدي سپريم ڪورٽ ۾ هڪ ڪيس جي بينچ جي تبديليءَ جو نوٽيس ورتو