اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (ن) پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي صوبائي اسيمبلين جي چونڊن لاءِ اميدوارن کي ٽڪيٽون جاري ڪرڻ جي حوالي سان مسلم ليگ (ن) جي سربراهه ميان نواز شريف جي سربراهي ۾ پارلياماني بورڊ قائم ڪري ڇڏيو، جنهن جا ڌار ڌار نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا آهن، مسلم ليگ (ن) جي سيڪريٽري جنرل احسن اقبال پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق پنجاب صوبي جي صوبائي اسيمبلي لاءِ اميدوارن کي ٽڪيٽون ڏيڻ جي حوالي سان 33 رڪني جڏهن ته خيبر پختونخوا صوبي لاءِ 30 رڪني پارلياماني بورڊ قائم ڪيا ويا آهن، پنجاب توڙي خيبر پختونخوا پارلياماني بورڊن جي سربراهي ميان نواز شريف ڪندو، پنجاب لاءِ قائم ڪيل بورڊ ۾ وزيراعظم شهباز شريف، راجا ظفر الحق، شاهد خاقان عباسي، مريم نواز، احسن اقبال، غلام دستگير خان، حمزه شهباز، اسحاق ڊار، خواجه آصف، پرويز رشيد، سردار اياز صادق، رانا ثناءُ الله، خواجا سعد رفيق، رانا تنوير، مريم اورنگزيب، ميان جاويد لطيف، برجيس طاهر، رياض پيرزاده، چوڌري شير علي، بيگم عشرت اشرف، طاهره اورنگزيب، نزهت پٺاڻ، خرم دستگير، عثمان ابراهي، سعود مجيد، اويس لغاري، عطا تارڙ، طلال چوڌري ۽ ٻيا شامل آهن.