لاهور (م ڊ) لاهور سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو هلندو رهيو،
لاهور جي علائقي ايبٽ روڊ، شمله پهاڙي، لڪشمي چوڪ ۽ چوڌاري وارن علائقن ۾ هلڪي برسات ٿي، ڪاهنه، گجومنه، نشتر ڪالوني ۽ ٻين علائقن ۾ برسات موسم کي وڌيڪ خوشگوار بڻائي ڇڏيو. گلبرگ، اچهره، وحدت روڊ ۽ چوڌاري علائقن ۾ هلڪي برسات سبب ٿڌ واپس اچي وئي آهي. هوڏانهن موسم جو احوال ٻڌائيندڙ موسميات کاتي ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. اڄ لاهور سميت سموري صوبي ۾ موسم جهڙالي رهندي. جڏهن ته پنجاب جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي. گذريل رات کان اولهه هوائن جي داخل ٿيڻ سان ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي آهي. ٻئي طرف تيز برساتن کي نظر ۾ رکندي پي ڊي ايم اي طرفان لاڳاپيل ادارن کي الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي تيز هوائن ۽ ڳڙو پوڻ سبب بيٺل فصلن خاص طور تي ڪڻڪ جي فصل کي نقصان پهچڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. هوڏانهن پنجاب جي ٻين شهرن اوڪاڙه، ريناله خورد ۽ حجره شاهه مقيم ۾ کنوڻ سان برسات پئي. مختلف علائقن ۾ برسات پوڻ سان ئي بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي، جڏهن ته تيز برساتن سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا. ٻئي طرف خيبرپختونخواهه ۾ به ڪالهه برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري رهيو، موسميات کاتي موجب چترال، بونير، سوات، ايبٽ آباد، صوابي، مردان، نوشهره، پشاور، بنون ۽ ڊيره اسماعيل خان جي مختلف هنڌن تي تيز هوائن ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي صوبي جي مختلف هنڌن تي تيز برسات ۽ ڳڙي پوڻ جي به اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. هينئر تائين پشاور ۾ 3، بونير ۾ 11، تيمر ڳڙهه ۾ 10، چترال ۾ 6 ۽ ڪالام ۾ هڪ ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي.