لاهور(م ڊ) پنجاب ۽ ڪي پي جي مختلف علائقن ۾ زلزلو آيو آهي. ڪنهن به جاني نقصان جو اطلاع نه مليو آهي. لاهور، اسلام آباد، پشاور، سوات، نوشهره، شب قدر، مردان، بنون، لوئر دير، صوابي، مالاڪنڊ، ڪوهاٽ ۽ ڀرپاسي ۾ زلزلو آيو. ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 5.6 رڪارڊ ڪئي وئي. ان جي گهرائي 190 ڪلوميٽر هئي. زلزلي جو مرڪز چترال کان 237 ڪلوميٽر اولهه ۾ هو.