ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) حڪومت اٺين درجي تائين ڪلاسز بند ڪرڻ وارو فيصلو مجبوري ۾ ڪيو، مڃون ٿا ته ڪي پي ۽ پنجاب جي ڀيٽ ۾ سنڌ اندر ڪورونا جي صورتحال بهتر آهي، پنجاب ۽ ڪي پي جا ماڻهو سنڌ ايندا رهيا ته صورتحال خراب ٿي سگهي ٿي، هن ڀيري شاگردن کي امتحانن بنا پروموٽ نه ڪيو ويندو، امتحانن جو شيڊول تبديل ڪرڻو پيو ته ڪري سگهجي ٿو، تعليم واري وزير سعيد غني چيو آهي ته بين الصوبائي ٽرانسپورٽ، ٽرينز ۽ اُڏامن تي پابندي لاءِ وفاق کي گهڻو وقت اڳ درخواست ڪئي، پر اڃا تائين فيصلو ناهي ٿيو، حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ ڪورونا جا ڪيسز گهٽجڻ بدران وڌي رهيا آهن، سنڌ ۾ اين سي او جي اجلاس فيصلن اُبتڙ ڪي به قدم نٿا کنيا وڃن.