اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جون اسيمبليون بحال ڪيون ويون ته وڏا وزير انهن کي ٻيهر ٽوڙي ڇڏيندا، اسيمبليون بحال ڪرڻ لاءِ اڳ ۾ آئين ختم ڪرڻو پوندو، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته ٻنهي صوبن جي وڏن وزيرن آئين موجب اسيمبليون ٽوڙيون آهن، هن چيو ته  اسيمبليون بحال ڪرڻ جو مطلب چيف منسٽر جي اختيارن وارو آرٽيڪل ختم ڪرڻ آهي، وڏي وزير وٽ اسيمبلي ٽوڙڻ جو اختيار آهي، اڳ ۾ ان کي ڪالعدم قرار ڏيڻو پوندو، فواد چوڌري چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جو هڪ ئي مطالبو آهي ته عام چونڊون ڪرايو ۽ هن حڪومت مان عوام جي جند ڇڏايو، آئين ۽ قانون موجب ئي مطالبو ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته جيڪي آڊيو ليڪ ڪري رهيا آهن، اڳ ۾ انهن تي ايڪشن ٿيڻ گهرجي، ڇو ته آڊيو ليڪ ڪندڙن تي ايڪشن کانپوءِ اڳتي جا معاملا ڏٺا ويندا. هن سوال ڪيو ته آڊيو ليڪ ڪير ڪري رهيو آهي؟ صحافين کي آڊيوز ڪير موڪليندو آهي؟ فواد چوڌري چيو ته صوبائي اسيمبلي ميمبرن اهو ڄاڻيندي ووٽ ڏنو ته اسيمبليون ٽٽنديون، ان کان وڏو جمهوري عمل ڪهڙو هوندو، جيڪڏهن اسيمبليون بحال ٿين ٿيون ته وري ٽٽي وينديون.