پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبليز بحال ٿيون ته وڏا وزير ٻيهر ٽوڙي ڇڏيندا: فواد چوڌري

0
149

پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبليز

پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جون اسيمبليون بحال ڪيون ويون ته وڏا وزير انهن کي ٻيهر ٽوڙي ڇڏيندا، اسيمبليون بحال ڪرڻ لاءِ آئين ختم ڪرڻو پوندو

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته ٻنهي صوبن جي وڏن وزيرن آئين موجب اسيمبليون ٽوڙيون آهن

هن چيو ته  اسيمبليون بحال ڪرڻ جو مطلب چيف منسٽر جي اختيارن وارو آرٽيڪل ختم ڪرڻ آهي

هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جو هڪ ئي مطالبو آهي ته عام چونڊون ڪرايو ۽ هن حڪومت مان عوام جي جند ڇڏايو، آئين ۽ قانون موجب ئي مطالبو ڪري رهيا آهيون

هي به پڙهندا

چونڊن بابت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي هلائيندڙ سپريم ڪورٽ جي 9 رڪني لارجر بينچ ٽٽي پئي، 4 ججز ٻڌڻيءَ کان معذرت ڪري ڇڏي