اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس يحيٰ آفريدي تفصيلي نوٽ جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊن جي معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس خارج ڪيو وڃي ٿو، تفصيلي نوٽ جاري ڪندي هن چيو ته چونڊن جا ڪيس لاهور ۽ پشاور هاءِ ڪورٽس ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن، سُپريم ڪورٽ ماضي ۾ قرار ڏنو آهي ته معاملو هاءِ ڪورٽ ۾ هجي ته مداخلت نٿي ڪري سگهجي، چونڊن جي ڪيس ۾ ڌُريون سياسي موقف تبديل ڪنديون رهيون آهن، سياسي معاملا عروج تي هجن ته سُپريم ڪورٽ کي مداخلت کان پاسو ڪرڻ گهرجي، پاڻمرادو نوٽيس ۽ آئيني درخواستون نه ٻڌڻ جوڳيون آهن، مونکي بئنچ ۾ شامل رکڻ وارو معاملو چيف جسٽس تي ڇڏيان ٿو.