لاهور (م ڊ) پنجاب ڪابينا ۾ واڌ جو امڪان آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته اڄ وڌيڪ 20 وزير حلف کڻي سگهن ٿا. ذريعن  موجب رانا مسهود، مجتبيٰ شجاع، عمران نذير، طاهر خليل سنڌو، چوڌري اقبال ۽ ياور زمان جي ڪابينا ۾ شموليت جو امڪان آهي. ان کانسواءِ ڪرنل (ر) ايوب، تنوير اسلم، بلال ياسين، سيف کوکر، ذڪريه شاهه نواز، منشا بٽ ۽ جهانگير خانزاده کي به ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪرنل (ر) طارق، عظميٰ بخاري، ڪاظم علي ۽ نديم ڪامران جي ڪابينا ۾ شموليت جو امڪان آهي. ان کانسواءِ پيپلزپارٽي جا وڌيڪ ٽي وزير ۽ 2 مشير صوبائي ڪابينا ۾ شموليت ڪري سگهن ٿا.