پنجاب کان ڪراچي ويندڙ 4 ٽرينون ڪينسل ڪيون ويون

0
243

حيدرآباد: گهوٽڪي ٽرين حادثي بعد ٽرينن جو شيڊيول اڃان تائين متاثر آهي، پنجاب کان ڪراچي ويندڙ 4 ٽرينون ڪينسل ڪيون ويون آهن جن ۾ شاليمارايڪسپريس، هزاره، عوام ۽ رحمان بابا شامل آهن. ڊائون ٽريڪ تي به سموريون ٽرينون دير جو شڪار آهن. گهوٽڪي حادثي باوجود به ريلوي انتظاميه نه جاڳي سگهي، فوري طبي امداد لاءِ ٺهيل سيڪشن به غير فعال پيل آهي، مسافرن کي طبي امداد ڏيندڙ ڊاڪٽر ۽ پيراميڊيڪل عملو به ڪونهي.