لاهور (م ڊ) پنجاب ۾ چونڊن لاءِ پاڪستان  تحريڪ انصاف سينئراڳواڻن کي به ٽڪيٽن ۾ نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي. ان ڏس  ۾ تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ فواد چوڌري کي ٽڪيٽ نه ڏني وئي، ساڳي طرح سينئر ترين اڳواڻ شاهه محمود قريشي ۽ حماد اظهر کي ٽڪيٽ نه ماڻي سگهيا. جڏهن ته ٽڪيٽ نه ملڻ تي فواد چوڌري آواز اٿاريو آهي. سندس چوڻ آهي ته اسان کي ٽڪيٽ ناهي ملي، سٺو ته نه لڳو، اسان کي ملڻ گھرجي ها. ٻئي پاسي چوڌري پرويز الاهي ۽ عثمان بوزدار ٽڪيٽ وٺڻ ۾ ڪاميياب ٿي ويا آهن.