لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو لاڙڪاڻي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڻي زندگي ۽ موت جو اهم حصو آهي پنجاب فلڊ ڪئنال ٺاهي 1991ع  واري ٺاهه جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، معاهدن تي عمل نه ڪرڻ سان ماحولياتي ۽ پاڻي کوٽ سبب معيشت تباھه ٿي رهي آهي. هينئر به پنجاب ۽ تونسا جي وچ تان پاڻي چوري ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته وفاقي حڪومت بلاول ۽ زرداري جي آهي پوءِ به سنڌ کي پاڻي نه پيو ملي ۽ سنڌ حڪومت سنڌ جي 9 ضلعن ٺٺو، دادو، ڪنڌڪوٽ ۽ ڪشمور ۾ فصل نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. هن چيو ته اسين بلوچستان جي سرزمين جو احترام ڪيون ٿا پر قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي کيرٿر جابلو پٽي وارو حصو سنڌ جو آهي جتي سرسبز پهاڙ ۽ سنڌ جو صدين کان حصو آهي. هن چيو ته مير عامر مگسي ۽ نادر مگسي سنڌ جي زمين تي قبضا ڪري ان کي بلوچستان جي زمين چئي رهيا آهن اسين مگسي ڀائرن جي سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪري ان کي بلوچستان جي زمين ڏيکارڻ واري سازش جي مذمت ڪيون ٿا، جيڪي پنهنجون وفاداريون سنڌ سان وابسته ڪن اسين سنڌ جي انچ انچ جي حفاظت ڪنداسين، سنڌ ۽ بلوچن کي ويڙهائڻ جي سازش ٿي رهي آهي اسين اهڙي عمل خلاف 3 جولائي تي حيدرآباد ۾ ڌرڻو هڻنداسين ان لاءِ عدليه، دانشور ۽ ساڃاهه وند ان معاملي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. هن چيو ته اهڙي صورتحال ۾ جتي سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ هئڻ سان گڏ پنجاب سنڌ جي وسيلن تيل، ڪوئلي ۽ گيس کي لٽي رهيو آهي ۽ افغانين کي ڪراچي موڪليو پيو وڃي. هن چيو ته ڪراچي جون حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿينديون پيون وڃن جتي غنڊه گردي ۽ فائرنگ ڪري حالتن کي خراب ڪيو پيو وڃي ۽ مستقبل ۾ وڏي رتوڇاڻ جو خدشو پڻ آهي جنهن جو نوٽيس ورتو وڃي.