پنجاب سرڪار ۽ پي سي بي تڪرار: نجم سيٺي جو وزيراعظم سان رابطو

0
259
پنجاب سرڪار ۽ پي سي بي

ڪراچي: پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي جو وزيراعظم شهباز شريف سان رابطو، پي سي بي چيئرمين پاڪستان سپر ليگ جي سڪيورٽي  تي ايندڙ خرچ گهري ورتو آهي

ذريعن موجب نجم سيٺي وزيراعظم شهباز شريف سان رابطو ڪري سڪيورٽي جي مد ۾ رقم جاري ڪرڻ لاءِ چيو، نجم سيٺي چيو ته پي ايس ايل قومي ايونٽ آهي، سڪيورٽي فراهم ڪرڻ ادارن جي ذميواري آهي

 ذريعن موجب وزير اعظم پي سي بي چيئرمين کي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي، ان کان اڳ حڪومت سپر ليگ جي سڪيورٽي لاءِ سرڪاري خزاني مان 50 ڪروڙ رپيا جاري ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو

هي به پڙهندا

پنجاب حڪومت پاران پي سي بي کي 25 ڪروڙ رپيا ڏيڻ کان صاف انڪار