لاهور: پنجاب حڪومت پاران فلور ملن ۽ چڪين جي ڪڻڪ ڪوٽا ٻيڻي ڪرڻ بعد لاهور ۾ ڪڻڪ جي اگھه ۾ 750 رپيا في مڻ جي رڪارڊ لاٿ اچي وئي، 5250 رپين ۾ ملندڙ ڪڻڪ جو اگھه گھٽجي 4500 رپيا مڻ ٿي ويو ، ڪڻڪ سستي ٿيڻ ڪري مارڪيٽ مان خريدار گم ٿي ويا.