پنجاب حڪومت پاران پي سي بي کي 25 ڪروڙ رپيا ڏيڻ کان صاف انڪار

0
290

لاهور(اسپورٽس نيوز) پنجاب جي نگران حڪومت پاڪستان سپر ليگ 8 جي ميچز لاءِ پي سي بي کي 25 ڪروڙ رپيا ڏيڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو آهي

ايڪسپريس نيوز موجب پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ پنجاب ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان پي ايس ايل لاءِ گهريل فنڊ تي ڳالهيون ٿيون

پنجاب ڪابينا پي ايس ايل لاءِ 25 ڪروڙ رپيا ڏيڻ کان معذرت ڪري ورتي ۽ فنڊ جاري نه ڪرڻ جو فيصلو ڪندي چيو ته صوبائي حڪومت پي ايس ايل ميچز جي انتظامن تي هن وقت تائين 45 ڪروڙ رپيا خرچ ڪري چڪي آهي

25 ڪروڙ رپيا پي سي بي پاڻ ادا ڪندو. پنجاب ڪابينا جي اجلاس ۾ ٿيندڙ حتمي فيصلي کان پي سي بي کي به آگاهه ڪيو ويو آهي جنهن کانپوءِ لاهور ۽ پنڊي ۾ ٿيندڙ پي ايس ايل ميچز خطري ۾ پئجي ويون آهن