لاهور (م ڊ) پنجاب حڪومت جي ترجمان پوليس جي فائرنگ جي ترديد ڪري ڇڏي، هڪ بيان ۾ پنجاب حڪومت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي زمان پارڪ ۾ پوليس ڇاپي دوران ڪو به پوليس اهلڪار يا آفيسر هٿيارن سميت نه ويو. ترجمان جو چوڻ آهي ته 100 کان وڌيڪ جوانن ۽ آفيسرن کي زخمي ڪرڻ کانپوءِ هاڻي فائرنگ جون ڪوڙيون خبرون پکيڙيون پيون وڃن.