اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پنجاب صوبي جي 297 صوبائي تڪن تي ٿيندڙ چونڊ لاءِ نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ جو مرحلو مڪمل، پنجاب اسيمبلي جي 297 تڪن تي مجموعي طور تي 8 هزار 422 اميدوارن نامزدگي فارم جمع ڪرايا آهن، اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل تفصيل مطابق پنجاب صوبي جي عورتن  لاءِ مخصوص 66 سيٽن تي 623 اميدوارن نامزدگي فارم جمع ڪرايا، جڏهن ته پنجاب اسيمبلي جي 8 اقليتن لاءِ مخصوص سيٽن تي 170 اميدوارن نامزدگي فارم جمع ڪرايا آهن، پنجاب صوبي جي اٽڪ ضلعي جي 4 صوبائي تڪن تي 128، راولپنڊي جي 15 تڪن تي 499،گجرانوالا جي 14 تڪن تي 466، فيصل آباد جي 21 تڪن تي 757، لاهور جي 30 تڪن تي 1175، قصور جي 9 تڪن تي 233، راجن پور جي 5 تڪن تي 168 اميدوار نامزدگي فارم جمع ڪرائي ميدان ۾ اچي چڪا آهن.