پنجاب جي چيف سيڪريٽري پاران عهدي تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ کان معذرت

0
206
پنجاب جي چيف سيڪريٽري
پنجاب جي چيف سيڪريٽري پاران عهدي تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ کان معذرت

پنجاب جي چيف سيڪريٽري عهدي تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي
ڪامران علي افضل صوبي مان خدمتون واپس وٺڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي خط پڻ لکي ڇڏيو آهي
چيف سيڪريٽري پنجاب خط ۾ لکيو ته هو ذاتي سببن جي ڪري عهدي تي وڌيڪ ڪم نٿو ڪري سگهي، پنجاب مان سندس خدمتون واپس ورتيون وڃن
ذريعن موجب ڪامران علي افضل چيو آهي ته بدليون ۽ مقرريون سياسي نه، پر ڪارڪردگي جي بُنياد تي ٿيڻ گهرجن
ڪامران علي افضل چيو ته ٽرانسفر ۽ پوسٽنگ جي حڪمن تي رڳو صحيحون ڪندڙ رٻڙ اسٽيمپ نٿو بڻجي سگهان، سياسي تبديلي سبب اڳ ئي بيوروڪريسي جو ڪم متاثر ٿيو آهي