پنجاب جي وڏ وزارت جي جنگ: ڇا حمزه شهباز ۽ پرويز الاهي ٻيهر مقابلو ڪندا؟

0
266
حمزه شهباز ۽ پرويز الاهي

لاهور هاءِ ڪورٽ حمزه شهباز کي پنجاب جي وڏي وزير جي عهدي تان هٽائڻ واري ڪيس ۾ ريمارڪس ڏنا آهن ته اسان ٻيهر چونڊون ڪرائڻ جو سوچي رهيا آهيون

پي ٽي آءِ جي وڪيل عدالت کان استدعا ڪئي ته حمزا شهباز کي هٽايو وڃي، جڏهن ته ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب حمزا شهباز سان مشاورت لاءِ هڪ ڏينهن جو وقت گهريو ۽ چيو ته چونڊن تي ڪو به اختلاف ناهي

جسٽس شاهد جميل رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن 16 تاريخ تي ٻيهر چونڊون ڪرايون وڃن ته 5 نوان ميمبر ووٽ نه ٿا ڏئي سگهن

لاهور هاءِ ڪورٽ جي پنج رڪني بينچ جي روبرو پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ ۽ حلف خلاف حمزه شهباز جي درخواستن جي ٻڌڻي ٿي

ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب عدالت کان استدعا ڪئي ته کين هڪ ڏينهن جو وقت ڏنو وڃي ته جيئن صورتحال کان عدالت کي آگاهه ڪري سگهون

پي ٽي آءِ جي وڪيل علي ظفر چيو ته منحرف ميمبرن جا 25 ووٽ به شامل نه ٿيا ته وڏو وزير نه رهندو، حمزه شهباز کي پهرين عهدي تان هٽايو وڃي ۽ پوءِ چونڊون ڪرايون وڃن، چونڊون، صورتحال هاڻي تبديل نٿي ٿي سگهي