ڪمون شهيد (ن پ ا) ڪمون شهيد رحيم يار خان سنڌ _پنجاب   بلوچستان دنگ تي پنجاب پوليس جي هلندڙ آپريشن جو جائزو وٺڻ لاءِ نگران وزير اعليٰ پنجاب محسن نقوي رحيم يار خان پهچي ويو. وزير اعلي پنجاب   آءِ جي  پنجاب ڪچي جي اڇو بنگلو واري علائقي پهچي ويا، جتي  ڊي پي او رحيم خان رضوان عمر گوندل هلندڙ آپريشن بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي چيو ته  پنجاب پوليس وٽ بهترين هٿيار موجود آهن جڏهن ته اي پي سي گاڏين جي کوٽ کي جلد ختم ڪيو ويندو  هلندڙ آپريشن ۾ انٽيليجنس معلومات ذريعي پنهنجا هدف حاصل ڪري رهيا آهيون جڏهن ته ڏوهارين پاران پوليس مٿان راڪيٽ لانچر فائر ڪيا ويا آهن پر اسان وٽ انهن کان وڌيڪ بهترين هٿيار موجود آهن. نگران ڪابينا سان ڳالهه ڪندس ته جيئن ڪچي جي علائقي ۾ موجوده شاگردن کي معاوضو ڏنو وڃي 15هزار ايڪڙن ۾ هڪ به اسڪول موجود ناهي جيڪا ڳڻتي جي ڳالهه آهي.