لاهور(م ڊ) پي ٽي آءِ پنجاب جي نگران وڏي وزير لاءِ نصير خان جو نالو واپس وٺي نويد چيمه جو نالو پارلياماني ڪاميٽي کي اماڻيو آهي، هاڻ احمد نواز سکيرا ۽ نويده چيمه اميدوار هوندا. ن ليگ جا اميدوار محسن نقوي ۽ احد چيمه آهن. جن تي اسپيڪر جي جوڙيل پارلياماني ڪاميٽي غور ڪندي. ڪاميٽي ۾ اپوزيشن جا ملڪ احمد خان، حسن مرتضيٰ ۽ نديم ڪامران، حڪومت جا اسلم اقبال، راجه بشارت ۽ هاشم جوان بخت شامل آهن.