گڊو (ن پ ا ) پنجاب جيعلائقي شاھوالي مان ھٿياربندن ٻن ڄڻن ذيشان حيدر ۽ ٽيڪسي ڊرائيور محمد اقبال کي اغوا ڪري ويا،جڏھن ته ڏوھارين ڪار کي روڊ تي ڇڏي ھليا ويا، پنجاب پوليس مغوين جو پتو نه لڳائي سگھي.پوليس موجب مختلف ھنڌن تي ناڪابندي ڪئي.ڪشمور، گھوٽڪي ۽ پنجاب سان بارڊر گڏ ھئڻ ڪري پنجاب جي ٻن ضلعن رحيم يار خان ۽ راجنپور ۾ اغوا وارداتون روڪڻ ۾ سنڌ ۽ پنجاب پوليس مڪمل طور تي ناڪام نظر اچي پئي.