پنجاب جي علائقي سڌو خان چونگلي ۾ ھٿيار بندن جي فائرنگ، 3 ڄڻا مارجي ويا

0
288

اوٻاوڙو/راجنپور(نمائيندن وٽان) پنجاب جي علائقي اڇو بنگلو ٿاڻي جي حد ڳوٺ سڌو خان چونگلي ۾ نامعلوم ھٿيار بندن ملڪ برادري جي گهر مٿان حملو ڪري انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ھڪ عورت سميت 3 ڄڻا ٿڏي تي مارجي ويا، 2 عورتون زخمي ٿي پيون، مارجي ويلن ۾ مجاھد ملڪ، امام بخش ملڪ ۽ ھڪ عورت به شامل آھي، مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي پوليس کڻائي شيخ زيد اسپتال منتقل ڪري واقعي جي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي..