سکر (پ ر) پنجاب يونيورسٽي ۽ لاهور ڪاليج فار وومين يونيورسٽي جي محققن ۽ تعليمي ماهرن جي وفد پاران سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن شعبي جو تفصيلي دورو ڪيو ويو آهي. پنجاب جي يونيورسٽيز کان آيل تعليمي ماهرن  ۽ محققن جي وفد ۾ پنجاب يونيورسٽي جي صحافتي شعبي جي چيئر پرسن پروفيسر ڊاڪٽر بشره حميد الرحمان، پبلڪ رليشنس ۽ ايڊورٽائيزنگ شعبي جي چيئر پرسن پروفيسر ڊاڪٽر عابده اشرف، لاهور ڪاليج فار ويمن يونيورسٽي جي ماس ڪميونيڪيشن شعبي جو اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر زعيم ياسين ۽ ٻيا شامل هئا. ان موقعي تي وفد کي سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر زاهد حسين کنڊ ۽ ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز شعبي جي هيڊ اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر محمد رمضان پهوڙ پاران يونيورسٽي جي ڪارڪردگي مجموعي طور ۽ خصوصي طور شعبي جي ڪارڪردگي، ايڊوانسڊ ڪورس، جديد ليبس ۽ آڊيٽوريم، شاگردن جي تخليقي ڪم، معياري ايڪيوپمينٽ سميت شعبي جي مستقبل جي رٿائن بابت کين بريفنگ ڏني، بريفنگ مان وفد متاثر ٿيو ۽ ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن شعبي جي ڪاڪردگي کي ساراهيو. محققن جي وفد پاران سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي دوري دوران وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر سيد مير محمد شاھ سان پڻ اهم ملاقات ڪئي، ان دوران تعليم و تحقيق جي مختلف پهلوئن ۽ گڏيل عملداري سميت اسٽوڊنٽ اڪيسچينج پروگرام تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. بعد ازان وفد پاران سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي باني وائيس چانسلر جي آخري آرامگاھ تي حاضري ڀري کيس خراج پيش ڪيو ويو.