پنجاب جو نگران وڏو وزير ڪير ٿيندو؟ چيف اليڪشن ڪمشنر سڀاڻي اجلاس سڏائي ورتو

0
240
چيف اليڪشن ڪمشنر سان مسلسل بدتميزي: درخواستگذار کي عدالتي ڪمري مان ٻاهر ڪڍيو ويو
چيف اليڪشن ڪمشنر سان مسلسل بدتميزي: درخواستگذار کي عدالتي ڪمري مان ٻاهر ڪڍيو ويو

ڪراچي: پنجاب جو نگران وڏو وزير ڪير ٿيندو؟ چيف اليڪشن ڪمشنر نگران وڏي وزير جي مقرريءَ لاءِ سڀاڻي اجلاس سڏائي ورتو، سڀاڻي ئي نگران وڏي وزير جي نالي جو اعلان ڪيو ويندو

پنجاب جي نگران وڏي وزير جي مقرريءَ لاءِ حڪومت ۽ اپوزيشن پاران تجويز ڪيل 2-2  نالا اليڪشن ڪميشن وٽ پهچي ويا، پي ٽي آءِ ۽ قاف ليگ پاران احمد نواز سکيرا ۽ نويد اڪرم چيما جا نالا ڏنا ويا

 نون ليگ ۽ اپوزيشن پاران احد چيما ۽ سيد محسن نقوي جا نالا ڏنا ويا، صوبائي حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ ڪنهن هڪ نالي تي اتفاق نه ٿيڻ سبب معاملو اليڪشن ڪميشن وٽ پهچي ويو، پنجاب جو وڏو وزير پرويز الاهي چئي چڪو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي نگران وڏي وزير کي هلڻ نه ڏينداسين

هي به پڙهندا

اڳوڻو بيورو ڪريٽ محمد اعظم خان خيبر پختونخواهه جو نگران وڏو وزير بڻجي ويو