رائونتي (ن پ ا ) پنجاب جي شھر بکر واسي نوجوان عاشق حسين کي رائونتي پوليس پاران اغوا ٿيڻ کان بچائڻ جي دعوا ڪئي وئي آهي. رائونتي پوليس موجب پنجاب واسي نوجوان عورتاڻي آواز تي هرکجي ڪچي طرف وڃي رھيو ھو ته جنهن کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي، نوجوان ناديا نالي عورت سان رابطي ۾ ھو، جيڪي نوجوان کي اغوا ڪرڻ لاءِ ڪچي طرف گھرايو پئي جن کي بچايو ويو آھي. قانوني ڪارروائي بعد نوجوانن جي وارثن سان رابطو ڪري نوجوان کي وارثن حوالي ڪيو ويندو.