اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پنجاب جي آبپاشي کاتي پاران هلندڙ ربيع سيزن جي 5 مهينن ۽ 12 ڏينهن دوران تڪراري سي جي لنڪ ڪئنال ۽ ٽي پي لنڪ ڪئنال ذريعي 11 لک 55 هزار 780 ڪيوسڪ پاڻي جي کڻت جو انڪشاف، جنهن ۾ هلندڙ سيزن دوران پنجاب جي آبپاشي کاتي تڪراري سي جي لنڪ ڪئنال مان 4 لک 35  هزار 425 ڪيوسڪ ۽ تڪراري ٽي پي لنڪ ڪئنال ذريعي 7 لک 20 هزار 355 ڪيوسڪ پاڻي جي کڻت شامل آهي، تفصيل موجب پهرين آڪٽوبر کان شروع ٿيل ربيع سيزن دوران سنڌ جي اعتراضن باوجود پنجاب جو آبپاشي کاتو مسلسل تڪراري سي جي لنڪ ڪئنال ۽ ٽي پي لنڪ ڪئنال مان پاڻي جي کڻت جو عمل جاري رکندو پيو  اچي، پنجاب جي آبپاشي کاتي تڪراري سي جي لنڪ ڪئنال مان پهرين مارچ 2023ع تي 341 ڪيوسڪ پاڻي کڻڻ کان پوءِ 2 مارچ کان سي جي لنڪ ڪئنال مان پاڻي کڻت بند ڪري ڇڏي ، کڻت 11 ڏينهن کان بند آهي پر پهرين آڪٽوبر کان پهرين مارچ تائين پنجاب جي آبپاشي کاتي هلندڙ سيزن جي 5 مهينن 12 دوران مجموعي طور تي سي جي لنڪ ڪئنال مان 4 لک 34 هزار 425 ڪيوسڪ پاڻي کڻت مڪمل ڪري ورتي آهي، پنجاب جي آبپاشي کاتي پهرين آڪٽوبر کان 2 جنوري تائين هلندڙ سيزن دوران ٽي پي لنڪ ڪئنال مان 5 لک 90 هزار 871 ڪيوسڪ پاڻي کڻت مڪمل ڪئي هئي، 2 جنوري 2023 کان پنجاب جي آبپاشي ٽي پي لنڪ ڪئنال مان پاڻي کڻت بند ڪئي هئي، جيڪا 13 فيبروري تائين بند رهي، پنجاب ٽي پي لنڪ ڪئنال مان 14 فيبروري کان 12 مارچ تائين مجموعي طور تي هڪ لک 29 هزار 484 ڪيوسڪ پاڻي کڻي چڪو آهي، ان کان اڳ 13 فيبروري تائين پنجاب جو آبپاشي کاتو ٽي پي لنڪ ڪئنال مان مجموعي طور تي 5 لک 90 هزار 871 ڪيوسڪ پاڻي کڻي چڪو هو، ائين مجموعي طور تي هلندڙ ربيع سيزن دوران پنجاب جي  آبپاشي کاتي ٽي پي لنڪ ڪئنال مان 7 لک 20 هزار 355 ڪيوسڪ پاڻي جي کڻت مڪمل ڪئي آهي.