لاهور (م ڊ) پنجاب اسيمبلي ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا خلاف ٺهراءُ منظور، چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن کان استعيفا جو مطالبو ڪيو ويو. اسيمبلي ۾ ٺهراءُ حڪومتي  ميمبر تحريڪ انصاف جي چيف وهيپ علي عباس شاهه پيش ڪيو، جنهن کي ميمبرن منظور ڪري ورتو. ٺهراءَ ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر کان استعيفا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. تحريڪ انصاف جي چيف وهيپ علي عباس شاهه چيو ته آئون قرارداد پيش ڪرڻ چاهيان ٿو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي قانوني حڪومت ختم ڪئي وئي، ايوان ان جي ڀرپور مذمت ڪري ٿو، قرارداد مطابق تحريڪ انصاف حڪومت جي خاتمي سبب ملڪ ۾ سياسي غيريقيني صورتحال پيدا  ٿي چڪي آهي، جنهن ڪري ملڪ کي معاشي بحران کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، قرارداد ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ملڪ کي موجوده صورتحال مان ڪڍڻ جو واحد حل صاف ۽ شفاف اليڪشن آهي. قرارداد موجب هي ايوان ناقابل ترديد ثبوتن جي بنياد تي موجوده چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان تي خدشن جو اظهار ڪري ٿو ۽ مطالبو ڪري ٿو ته چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبر فوري طور استعيفا ڏين ته جيئن صاف ۽ شفاف اليڪشن ايمانداراڻي طريقي سان ٿي سگهن. واضح رهي ته تحريڪ انصاف چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.