اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل تفصيلن مطابق پنجاب اسيمبلي ۾ عورتن جي 66 مخصوص سيٽن لاءِ  پي ٽي آءِ پاران جمع ڪرايل پرائرٽي لسٽ ۾ رڳو 7 عورتن جا نالا شامل آهن، جن ۾ ڊاڪٽر ياسمين راشد، مسرت جمشيد چيما، بتول جنجوعه، فردوس راءِ، شاهده ملڪه، سيده زهرا نقوي، بسمه چوڌري جا نالا آهن،ياسمين راشد، مسرت جمشيد چيما، سيده زهرا نقوي اڳ به اسيمبلي ميمبر رهي چڪيون آهن، پي ٽي آءِ اقليت لاءِ مخصوص سيٽن لاءِ جمع ڪرايل پرائرٽي لسٽ ۾ شهنيلا رٿ، مهندر پال سنگهه، رفيق بابو، سميل يعقوب، يودسٽر چوهان جا نالا شامل آهن، جڏهن ته مسلم ليگ (ن) پاران عورتن جي مخصوص سيٽن لاءِ 48 نالن تي ٻڌل پرائرٽي لسٽ جمع ڪرائي وئي آهي، جن ۾ ذڪيا خان، بيگم عشرت اشرف، ثانيه عاشق، سلميٰ سعديه تيمور، مهوش سلطانه، رابعه نسيم فاروقي، عظميٰ بخاري، ڪنول پرويز چوڌري، گلناز شهزادي، حنا پرويز بٽ، بشريٰ انجم بٽ، شازيه رضوان، صبا صادق، راحيلا نعيم، نجمه افضل، ڪوثر جاويد، ۽ ٻين جا نالا شامل آهن، اقليتي سيٽن لاءِ خليل طاهر سنڌو ، رميش سنگهه اروڙا، رفين جولس، هارون عمران گل، ڪامران مسيح، اعجاز مسيح، سليم رحمت سنڌو، رشيد چوڌري جا نالا شامل آهن. پاڪستان پيپلز پارٽي اقليتن لاءِ مخصوص سيٽن تي 8 نالن تي ٻڌل تي پرائرٽي لسٽ جمع ڪرائي آهي، عورتن لاءِ مخصوص سيٽن تي  18 نالن تي ٻڌل پرائرٽي لسٽ جمع ڪرائي آهي، جن۾ شازيه عابد نرگس فيض ملڪ، نتاشا دولتانه، مومنا وحيد، عائشه چوڌري، رابعه نذير، لبنيٰ طارق، نيلم جبار، شگفته چوڌري، نوشين هاشمي، سونيا خان، سڪينه چوڌري، سحرش خان، عابده بخاري، شاهده جبين، سحرش رمضان، ڪلثوم ناز بلوچ، عائشه غوري جا نالا شامل آهن.