اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پنجاب ۾ آئين ۾ ڏنل مدت 90 ڏينهن بعد چونڊون نه ٿي سگهنديون، صدر پنجاب اسيمبلي کي ٽٽڻ جي 90 ڏينهن جي مدت کانپوءِ  17 ڏينهن دير سان چونڊون ڪرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، صدر اليڪشن ڪميشن جي تجويز تي پنجاب ۾ 30 اپريل تي چونڊون ڪرائڻ جي منظوري ڏني. تفصيل موجب اليڪشن ڪميشن جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آھي ته  اليڪشن ڪميشن جو اهم اجلاس چيف اليڪشن ڪمشنر سلطان راجا جي سربراهي ۾ ٿيو، اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن  جي ميمبرن سميت سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي، اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي فيصلي جي روشني ۾ صدر پاڪستان کي خط اماڻيو، جنهن ۾ پنجاب صوبي ۾ چونڊن جي حوالي سان 30 اپريل يا  7 مئي جي تاريخ جي تجويز ڏني وئي، اليڪشن ڪميشن جي ترجمان جو چوڻ آھي ته  صدر پاڪستان طرفان تاريخ ملڻ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن پنهنجا آئيني فرض پورا ڪرڻ لاءِ تيار آهي، اليڪشن ڪميشن طرفان گورنر ڪي پي ڪي کي به خط موڪليو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي آرڊر جي روشني ۾ اليڪشن ڪميشن توهان جي جواب جي منتظر آهي. ٻئي طرف صدر پاڪستان عارف علوي پنجاب ۾ 30 اپريل تي عام چونڊون ڪرائڻ جي منظوري ڏني آهي، ايوان صدر جي ترجمان مطابق  اليڪشن ڪميشن طرفان تجويز ڪيل تاريخن کانپوءِ غور ڪندي صدر پاڪستان اليڪشن جو اعلان ڪري ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن طرفان 30 اپريل کان 7 مئي دوران پنجاب صوبي ۾ عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ صدر کي تجويز ڏني وئي هئي. واضح رهي ته پنجاب اسيمبلي 14 جنوري 2023ع تي ٽٽي هئي جنهن کي 90 ڏينهن 13 اپريل تي پورا ٿيندا، هاڻي پنجاب لاءِ 30 اپريل جي تاريخ ڏني وئي آهي، يعني آئيني مدت پوري ٿيڻ کانپوءِ جي تاريخ ڏني وئي، آئيني مدت جي حساب سان 17 ڏينهن دير چونڊون ٿينديون، جڏهن ته ڪي پي اسيمبلي 18 جنوري تي ٽٽي هئي جنهن کي 90 ڏينهن 17 اپريل تي پورا ٿيندا، ان کان اڳ صدر عارف علوي آچر 9 اپريل تي پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪيو هو، معاملو سپريم ڪورٽ پهتو هو جنهن بعد نئين تاريخن جو اعلان ڪيو پيو وڃي. صدر پاران پنجاب ۾ چونڊ تاريخن جي منظوري کانپوءِ هاڻ اليڪشن ڪميشن کي 7 ڏينهن اندر شيڊيول جاري ڪرڻو پوندو.