پنجاب اسيمبلي جَي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي جِي بلاول هائوس لاهور ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري سان ملاقات

0
340

پنجاب اسيمبلي جَي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي جِي بلاول هائوس لاهور ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري سان ملاقات، پنجاب جِي سياسي صورتحال سميت اهم معاملن تي خيالن جِي ڏي وٺ، آصف زرداري پرويز الاهي کان چوڌري شجاعت حسين جِي خيريت معلوم ڪئي ۽ خاص پيغام به ڏنو، ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته، هو آزاد عدليه تي يقين رکن ٿا، آزاد عدليه ۽ جمهوريت لازم ۽ ملزُوم آهن، وڏي وزير عثمان بوزدار جِي صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته، آصف زرداري ۽ پرويز الاهي جِي ملاقات حڪومت لاءِ خطري جِي گهنٽي ناهي، آصف زراري جا چوڌري ڀائرن سان پراڻا لاڳاپا آهن.