ڪراچي(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف پنجاب اسيمبلي جي چونڊن ۾ ن ليگ ڇڏي پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيندڙ ۽ پنهنجي سختيون سهندڙ اڳواڻن کي به نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ڪجهه نون اڳواڻن کي به ٽڪيٽون ڏنيون ويون آهن. جن اڳواڻن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي انهن ۾ ن ليگ ڇڏي پي ٽي آءِ ۾ ويندڙ ميان جليل احمد شرقپوري به شامل آهي جڏهن ته شهباز گل ۽ اڳوڻي وزير مراد راس کي به نظرانداز ڪيو ويو آهي. ان باري ۾ جليل احمد شرقپوري پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته سخت دٻاءُ باوجود ڏکئي وقت ۾ عمران خان جو ساٿ ڏنو پر جڏهن صوبائي اسيمبلي جي ٽڪيٽ جو فيصلو ڪيو ويو ته واعدن باوجود منهنجي قربانين کي نظرانداز ڪيو ويو. لعنت آهي منافق عمران خان تي جنهن جي واعدن تي مون اعتبار ڪيو آئون اڄ ئي پاڪستان تحريڪ انصاف ڇڏڻ جو اعلان ڪريان ٿو.