پنجاب اسيمبلي جي سيڪيورٽي گارڊز عطا تارڙ کي روڪي ڇڏيو

0
195

لاهور: پنجاب اسيمبلي جي سيڪيورٽي گارڊز وزيراعظم جي خاص معاون عطا تارڙ کي اسيمبلي ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو

 گارڊز جي عطا تارڙ سان گڏ آيل نون ليگي ڪارڪنن سان منهن ماري ٿي، جنهن جي وڊيو به سامهون اچي وئي آهي

عطا تارڙ چيو آهي ته سيڪيورٽي گارڊ چون ٿا ته وفاقي وزيرن جي پنجاب اسيمبلي ۾ داخلا تي پابندي آهي

 عطا تارڙ چيو ته پرويز الاهي اڪثريت وڃائي ويٺو آهي، تنهن ڪري اعتماد جو ووٽ وٺڻ کان ڀڄي رهيو آهي

هن چيو ته وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله سميت ٻين وفاقي وزيرن کي ڪير به پنجاب اسيمبلي اچڻ کان روڪي نه ٿو سگهي