پنجاب اسيمبلي جو اجلاس: ميمبرز کي ئي اندر وڃڻ کان روڪيو ويو

0
185
پنجاب اسيمبلي جو اجلاس:

لاھور: پنجاب اسيمبلي جوغيرمعمولي اجلاس شروع ٿيڻ کان اڳ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي آھي، اسيمبلي عملدارن خلاف وٺ پڪڙ بعد سيڪيورٽي سخت، انتظاميا اسيمبلي جا در بند ڪري ڇڏيا، وڏي انگ ۾ پوليس نفري مقرر ڪئيوئي آھي

ميمبرز  توڙي عملي کي اسيمبلي وڃڻ کان روڪيو ويو، پوليس پارلياماني مامرن جي ڊي جي راءِ ممتاز کي گرفتار ڪري ورتو آھي، کيس اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آھي، اسيمبلي جي سيڪريٽري محمد خان ڀٽي ۽ سيڪريٽري ڪوآرڊينيشن عنايت الله لڪ جي گهرن تي به ڇاپا ھنيا ويا

 اسيمبلي ڊي جي، سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري ڪوآرڊينيشن خلاف ڪيس داخل، نواز ليگ جي ايم پي اي اشرف رسول اسيمبلي عملدارن خلاف ڪيس داخل ڪرايو

پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر پرويز الاهي چيو آهي ته ڪير اسيمبلي ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي سگهي ٿو؟ اسان جا سمورا ميمبرز اسيمبلي پهچن، اڄ هر صورت ۾ اجلاس ٿيندو،چونڊيل نمائندن کي اسيمبلي ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي نٿو سگهجي، حڪومتي فسطائيت جو ڄمي مقابلو ڪيو ويندو

 لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز الاهي چيو ته عمر سرفراز چيما اڄ به پنجاب جو گورنر آهي، سندس موجودگي ۾ آئون ڪيئن وقتي گورنر ٿي سگهان ٿو، آئون اڄ به وڏ وزارت جو اُميدوار آهيان، نمبرز گهٽ هجڻ سبب پيءُ پُٽ روز نوان ٽڪساٽ گَهڙَي رهيا آهن

ھي به پڙھندا

ڪير اسيمبلي ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي سگهي ٿو؟ اسان جا سمورا ميمبرز اسيمبلي پهچن: پرويز الاھي