پل هيٺان پيار لڙھي رهيو آھي

0
134
روئيداد  ڪجھه راتين جي

 ياد آيو ڪجهه سال اڳ شڪارپور ويندي سکر واري پل تي ڪجھه گهڙيون ترسيا هئاسين. سکر واري پل جنهن کي لئنسڊائون پل سڏبو هو، هن پل جو افتتاح بمبئي جي گورنر لارڊ لئنسڊائون 1889ع ۾ ڪيو هو. هن پل کي متحرڪ يعني suspention bridge به سڏيو ويندو هو. هن پل کان سواءِ سنڌو درياهه تي ايوب پل، ڪوٽڙي پل، گڊو پل، دادو مورو پل، سجاول پل، خيرپور ناٿن شاهه ڪنڊيارو پل ۽ جهرڪن واري پل به آھي.  اهي سڀ درياهي پلون آھن، جن مان پهريون چار پلون لوهي پلون آھن، باقي ٻيون پلون سيمنٽ ۽ سرن واريون پلون آھن.

  اسان سکر واري پل تي بيھي ھيٺ نهاريو ته پل هيٺان پاڻي تيزي سان گذرندو ٿي ويو. مٿان آڪاش تي بادل ڊوڙي رهيا ھئا، مون سان گڏ ٻه ڄڻا سفر ۾ ھئا، هڪ مٺياڻي جي شھر جو رهواسي هو، وڏي ڪوشش کان پوءِ جنهن جو  نالو ياد اچي ٿو، شايد غلام مصطفيٰ هوس، جنهن جي چهري جي هڪ پاسي گهرا زخم هئا، جيڪي اڃا ڀريا نه هئا، جنهن ڪري سندس چهرو ڀيانڪ ٿي لڳو، ڄنگهه کان به منڊڪائي ٿي هليو، جنهن ۾ به شايد زخم هئا، هو ان ڏينهن سن هاءِ وي وٽان هڪڙي ديوين جي گهاٽي جهنگ مان اچي گاڏي ۾ سوار ٿيو هو.گهڻو پوءِ مرڻ کان اڳ غلام نبيءَ ٻڌايو هو ته هو پورهيت ماڻھو هو، جنهن هڪ وڏيري جي ظلمن کان تنگ ٿي وڃي ڪچو وسايو هو، هو مٿس ٿيل ڏاڍائين جوحساب چڪتو ڪري روپوش ٿي ويو هو. هو غلام نبي چانڊيي جو دوست هو، غلام نبي هڪ سال اڳ اوچتو جواني ۾ ئي گذاري ويو، غلام نبي ان کي پاڻ سان ان ڪري گڏ کنيو هو، جو اتر واري پاسي خاص ڪري شڪارپور ۽ جيڪب آباد واري علائقي ۾ ان وقت صورتحال انتهائي بدتر هئي، ماڻھو روڊن تان ڏينهن ڏٺي اغوا ڪري ڪچي ۾ قيد ڪري سندن عزيزن کان ڀنگ ورتو ويندو هو.

پل تي بيھي غلام مصطفيٰ ۽ غلام نبي ڦوٽو ڪڍيا، ان وقت وچينءَ جو سج پاڻي ۾ غوطا کائي رهيو هو، غلام نبي ٻڌايو ته الائي ڇوکيس ڀنواٽي ٿي اچي. ايئن ٿو لڳي ته هي پل ڪنهن به وقت ڪري پوندي، جيڪڏھن اوچتو پل ڪري پئي ته پنهنجو ڇا ٿيندو؟ مون چيو ته پليون ٺھنديون ۽ ڊھنديون رهنديون آھن، زندگي ۾ نفعا ۽ نقصان ٿيندا رهندا آھن، منهنجي ان ڳالھه تي هنن ٻنهي تعجب سان منهنجي منهن ۾ نهاريو، ڄڻ ته آئون ڪائي ڳجهارت ڏيندو هجان. مون هنن کي چيو پل درياهه جي هجي يا دل جي، جيڪا ٺھي ٿي سا ڊهي به وڃڻي آھي، باقي هيءَ پل ته ڪنهن وڏي زميني زلزلي سبب ئي ڊھي سگهي ٿي، ۽ ايئن اوچتو نه ڊھندي، جيڪڏھن اوچتو ڊٺي ته پاڻ سهڻي جيان لهرن ۾ لڙھي وينداسين، دنيا کي ڪو لوڏو ئي ڪو نه ايندو. اڄ ڪلھه به ڪيترائي پورهيت ماڻھو مهانگائي ۽ سماجي ڏاڍ جي عتاب ۾ لڙھي رهيا آھن، پر پوءِ به اهي ماڻھو حالتن سان سينو ساهيندا جيئندارهن ٿا.. اياز چواڻي:
ڪنن ۾ آڱريون وجهندين ته وڄ ٽري ويندي؟

گهٽا گجي ٿي، ٻنا ٻوڙ نيٺ وسڻي آ،

پنهون تلاش ڪندي سسئي مري ويندي؟

ڏسي درياهه جا دڙ عاشقي ڏري ورندي،

هزار بار ٻڏي ڀل، وري وري ويندي؟

ڪنن ۾ آڱريون وجهندين ته وڄ ٽري ويندي؟

مون مصطفيٰ ۽ غلام نبي کي چيو ته روحانيت ۾ به پل هوندي آھي، اها پل معرفت جي پل آھي، جنهن سان محبوب جي ملڻ جو شرف حاصل ٿئي ٿو. صوفين وٽ چار دنيائون آھن، ناسوت، ملڪوت، جبروت ۽ لاهوت. عالم ناسوت هن جهان جو عالم آھي، جنهن ۾ انسان کائي پيئي ۽ ڪمائي ٿو، هن عالم ۾ شريعت انساني تربيت جو اولين ڏاڪو هجي ٿي، ملڪوت جو عالم ملائڪن جي دنيا هجي ٿي، جتي، تسبيحون، رڪوع ۽ سجدا هجن ٿا.  هن عالم ۾ نه لالچ هجي ٿي ۽ نه ئي ڪي خواهشون هجن ٿيون، هن عالم ۾ سير ڪندڙ، صفات الاهي جي نور سان روشن رهن ٿا. جبروت صوفين جي ٽين دنيا آھي، جيڪا معرفت سان ميسر ٿئي ٿي، جتي طالب سلطاني سير ڪن ٿا، لاهوت جي دنيا صوفين جي چوٿين دنيا آھي، جيڪا لاحد آھي، جتي پهچندي انسان فنا ٿي وڃي ٿو.. سالڪن لاءِ ھي آخري ۽ اعليٰ منزل هوندي آھي.سنڌو درياهه تي ٻيون پلون جن ۾ ايوب پل، جنهن کي خوني پل سڏيو ويندوهو، ڇاڪاڻ ته ان پل جي تعمير دوران ڪيترائي مزدور ٻڏي مري ويا هئا. مزدورن کي بچائڻ جو ٻيو ڪو ب طريقو موجود نه هو، جنهن ڪري مزدور ان پل تي ڪم لاءِ راضي نه هئا، پوءِ انهن مزدورن جي ڏھاڙي ٻيئي ڪرڻي پيئي، جنهن ڪري انهن ٻيهر ڪم شروع ڪيو. هي پل لئنسڊائون پل ويجهو ٺاهي ويئي هئي، جنهن جو 1969ع ۾ ڪم شرع ٿيو ۽1962ع ۾ صدر ايوب ان جو افتتاح ڪيو. ان پل جي ڊزائين ڊي بي اسٽئنمين نالي ڪمپني تيار ڪئي هئي، جنهن جو مالڪ اسٽئنمين نالي انگريز هو. ڪوٽڙي واري پل 1900ع ۾ مڪمل ڪئي ويئي، جيڪا حيدرآباد ۽ ڪوٽڙي شھرن جي وچ ۾ ٻنهي دريائي ڪنارن کي ملائيندڙ شاهڪار پل آھي. انگريزن ۽ صدر ايوب خان سنڌو درياهه تي پلون ٺھرايون هيون، ليڪن عوام ۽ اقتدار اڳواڻن جي وچ ۾ ڪائي پل جوڙي نه سگهيا، جنهن ڪري انگريزن ۽ صدر ايوب خان جي سندن ئي حڪومتن ۾ تحريڪون هليون ۽ ھو اقتدار کان الڳ ٿي ويا.

عوام سان عشق جي پل ذوالفقارعلي ڀٽي 1968ع ۾ جوڙڻ جي شروعات ڪئي هئي، جڏھن هو ايوب خان جي اقتدار کان الڳ ٿي عوام ۾ آيو هو. پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ ڀٽو اڪيلو ليڊر هو، جنهن عوام کي پاڻ ڏانهن نه فقط متوجه ڪيو پر عوام به سندس ديواني بڻجي پيئي، جيتوڻيڪ پاڻ اڃا ٽٽل ملڪ کي جوڙڻ، ملڪ کي آئين ڏيڻ سميت ڪيترن ئي ملڪي خفن کان واندو ئي ڪو نه ٿيو هو ته کيس ڦاهي جي ڦندي تي لٽڪايو ويو. هڪ طويل عرصوگذرڻ باوجود به عوامي دلين ۾ سندس پيار جي پل اڄ به موجود آھي، جيڪا هاڻي اٽڪ پل جيان ڪمزور ٿي وئي آھي، اٽڪ پل 1883ع ۾ مڪمل ٿي هئي، جنهن کي ٻيهر 1929ع ۾ تعمير ڪيو ويو هو.آئون سکر واري پل تان بيھي درياهي پلن جو سير ڪندو، روحاني پلن تائين پهچي پٺتي موٽان ٿو ته مون کي هن وقت پورهيت ماڻھن جي افسوسناڪ حالتن تي رحم ٿو اچي، جيڪي هن وقت هڪ ويلي لاءِ پريشان آھن. حڪمران طبقو مهانگائي ۽ تيل وڌڻ جو سارو بار اڳوڻي حڪومت تي وجهي پاڻ آجو ٿيڻ جي ڪوشش پيو ڪري، ليڪن کين اها خبر ناهي ته وقت جي حڪمرانن جي ڪهڙي ذميداري هجي ٿي؟ ڇا هو غربت، بک، بيماري ۽ بيروزگاري گهٽائڻ بدران انهن مسئلن جو ذميدار گذريل حڪومت کي قرار ڏيئي پاڻ آجا ٿي سگهن ٿا؟ ڇا فقط اهڙا بيان عوام جي دردن جو درمان ٿي سگهن ٿا؟ هن وقت اسان جي ملڪ ۾ غربت ۽ مهانگائي ايتري ته وڌي ويئي آھي، جنهن سان پورهيت ماڻھو ھر وقت پريشان رهي ٿو، هو هر وقت خودڪشي لاءِ سوچيندو رهي ٿو. هن وقت ملڪ ۾، خاص ڪري سنڌ ۾ شھيد ڀٽي ۽ بينظير جي عوام جي دلين ۾ جوڙيل پيار جي پل جيتوڻيڪ ان ڪري جهري رهي آھي جو موجوده پارٽي اڳواڻن کي عوام جي اهنجن جو، ذرو به فڪر ڪونهي، شھباز حڪومت تيل مهانگو ڪري عوام جي اهنجن ۾ نه فقط بي انتها اضافو ڪري ڇڏيو آھي، گڏوگڏ عوامي رنجشن کي به اڀاريو آھي. آئون سوچيان ٿو ته هن وقت جيڪڏھن مرحوم غلام نبي ۽ غلام مصطفيٰ ۽ آئون سکر واري پل تي گڏ ھجون ها ته اسان ٽيئي ڄڻا پل تان پاڻي ۾ ٽپو ڏيئي ڇڏيون ھا.