پليجاڻي (ن پ ا) پليجاڻي جي ڳوٺ چاڪر خان نائيچ ۾ الڪرم ويلفيئر فائونڊيشن  پاران ۽  ٿالي آرگنائزيشن جي گڏيل تعاون سان ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي جنهن ۾  ماھر ڊاڪٽر عابد حسين سانڌ  مريضن جو چڪاس ڪيو ۽ مفت دوائون ڏنيون. ميڊيڪل ڪيمپ ۾ ٽي سئوکان وڌيڪ مريضن پنهنجو معائنو ڪرائي مفت دوائون ورتيون، جڏھن ميڊيڪل ڪيمپ تي آيل غريب خاندان کي الڪرم ويلفيئر فائونڊيشن  ضلعي مٽياري اڳواڻ فقيــر نيــازعلي سوھو ڪرمي مڇردانيون تقسيم ڪيون.