پليجاڻي (ن پ ا) پليجاڻي محرم جو مھينو  شروع ٿيندي ئي واپڊا مٽياري بجلي جي لوڊشيڊنگ ۾ پڻ واڌ ڪري ڇڏي آهي، جتي 24 ڪلاڪن مان 18 ڪلاڪ بجلي بند ڪري ماتمين کي پريشان ڪيو پيو وڃي. جڏھن ته  رات جو پليجاڻي جي ڳوٺن اندر روزانو جي بنياد تي ماتمي جلوس ڪڊيا وڃن ٿا بجلي بند ھونڻ ڪري ماتمين کي  وڏي تڪليف پڻ ٿي رھي آھي. پليجاڻي اھلشيعت سيد ارشاد علي شاھ بخاري زوار صادق علي سوھو سيد سجاد علي شاھ  سيد احمد شاھ سيد شھاب الدين شاھ ۽ ٻين طرفان انتظاميان کان مطالبو ڪيو ويو ته  پليجاڻي ۽ ان جي آس پاس جي ڳوٺن ۾ بجلي جي ڊگھي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڄي ته  جيئي ماتمي جلوس  ۽ ٻيا انظام رات جي وقت ڪرڻ ۾ سھولت ٿئي