لاهور (م ڊ) نواز ليگ اڳواڻ رانا مشهود چيو آهي ته عمران خان خراب پيسي جي بنياد تي قوم ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪري رهيو آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز ليگ اڳواڻ رانا مشهود جو چوڻ هو ته عمران خان جي 21 سال واري جدوجهد ۾ قوم کي ڇا مليو؟ عمران خان لابنگ لاءِ آمريڪي فرمن جون خدمتون حاصل ڪيون، هو پنهنجي ڪوڙ کي منهن ڏيڻ جي همت نٿو رکي. رانا مشهود چيو ته عمران خان جو ڪوڙ ڳالهائڻ کانسواءِ ٻيو ڪو ڪم ناهي، عمران خان جي پکڙيل تباهي سان ملڪ نٿو سنڀالجي سگھي، هي ماڻهن کي غداري جا سرٽيفڪيٽ ورهائيندا آهن. رانا مشهود جو چوڻ هو ته عمران خان پرڏيهي فنڊنگ ڪئي، توشا خانا ۾ چوري ڪئي، عمران خان خراب پيسي جي بنياد تي قوم ۾ ڏڦيڙ پيکڙي رهيو آهي. ليگي اڳواڻن جو چوڻ هو ته شهباز گِل کي ليگل نوٽيس اماڻيو ويو آهي، سندس پيڇو ڪنداسين، شهباز گل 14 ڏينهن جي اندر جواب ڏي، کيس ڀڄڻ نه ڏينداسين. پنجاب ۾ حڪومتي تبديلي بابت سوال تي رانا مشهود جو چوڻ هو ته گيم پلان تيار آهي ۽ ان جي سڀ کي خبر آهي، ڪهڙو ڪارڻ آهي، پنجاب ۾ نواز ليگ واپس اچي رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ نواز ليگ اڳواڻ جو چوڻ هو ته سي سي پي او جي ملازمت واري مدي ۾ چار مهينا رهجي ويا آهن، سي سي پي او ويندي ويندي پنهنجي عزت جو به خيال نه پيو ڪري. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ عمران خان به چيو هو ته پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر لنڊن ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي پارٽي سربراهه نواز شريف سان ملاقات ۾ به پنجاب ۾ حڪومت جي تبديلي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ تي اتفاق ٿيو هو.