ڪراچي: پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ  کاتي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽرن جون پوسٽون به خالي پيل آهن، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته 17هين گريڊ جي صوبائي سروسز ۽ وفاقي سروسز جي ڪامورن جي مقرري واري ڪوٽا پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ کاتي ۾ به مخصوص ٿيل آهي، سائيڊ پوسٽ هجڻ سبب آفيسر  پلاننگ توڙي اسڪول ايجوڪيشن کاتي ۾ چيف مانيٽرنگ آفيسر طور مقرري کان به لنوائيندا آهن، جنهن ڪري ٻنهي عهدن تي آفيسرن جون جايون سدائين خالي رهن ٿيون.