پشاور (م ڊ) پشاور ۾ اٽي جي مفت ورهاست دوران بدنظمي، شهرين ۽ پوليس وچ ۾ چڪرين جا اطلاع سامهون اچي ويا. رپورٽ موجب پشاور ۾ اٽي جي مفت ورهاست دوران بدنظمي ٿي پئي. پشاور جي علائقي حيات آباد ۾ اٽو حاصل ڪرڻ لاءِ شهري ۽ پوليس آمهون سامهون ٿي ويا. رپورٽن موجب شهرين حيات آباد اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي پوليس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته ماڻهن جو وڏو ميڙ مڇرجي پيو، شهرين کي روڪڻ لاءِ پوليس طرفان لاٺي چارج ڪيو ويو ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو پڻ استعمال ڪيو ويو. شهرين انتظاميا خلاف احتجاج ڪندي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، شهرين جي پٿراءُ سبب حيات آباد اسپورٽس ڪمپليڪس جا شيشا پڻ ڀڄي پيا.