پشاور ۾ سرچ آپريشن دوران هٿياربندن جي فائرنگ، ٻه اهلڪار مارجي ويا

0
157
پشاور ۾ سرچ آپريشن دوران هٿياربندن جي فائرنگ، ٻه اهلڪار مارجي ويا

ڪراچي(م ڊ) پشاور ۾ سرچ آپريشن دوران پوليس اهلڪارن تي فائرنگ دوران هڪ اي ايس آءِ ۽ هڪ ڪانسٽيبل مارجي ويو، جنهن بعد علائقي کي گهيري ۾ آندو ويو آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو حيات آباد فيز 7 ۾ سرچ آپريشن دوران پيش آيو، جوابدارن فائرنگ ڪري اي ايس آءِ ۽ ڪانسٽيبل کي قتل ڪيو

پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته حملي آور جي سڃاڻپ حمزه نالي سان ٿي آهي، جنهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ وڌيڪ ڪارروائي جاري آهي