پشاور ۽ بنون جي شهرين پنهنجي مدد پاڻ تحت مثال قائم ڪري ورتو، سوشل ميڊيا تي ساراهه

0
272

پشاور(انٽريسٽنگ نيوز) خيبرپختون خوا جي شهرن پشاور ۽ بنون جي شهرين پنهنجي مدد پاڻ تحت علائقن کي صاف ڪري نئون مثال قائم ڪري ورتو آهي. جنهن جي ڌوم مچي وئي آهي. ڪي پي ڪي جي راڄڌاني پشاور جي علائقي يڪه توت جي گهٽين جون تصويرون شيئر ڪيون ويون آهن جيڪي گهٽيون ۽ پاڙا صاف سٿرا آهن ۽ انهن علائقن ۾ صفائي ڪرڻ بعد مڇرن ۽ مکين کان بچڻ لاءِ چن جو به استعمال ڪيو ويو آهي. اهڙي ريت بنون شهرن جي به پاڙن کي صاف ڪيو ويو آهي. اها صفائي حڪومت يا انتظاميا نه پر شهرين پاڻ ڪرائي آهي ۽ صفائي جو انتظام ڪيو ويو آهي. اهي تصويرون سوشل ميڊيا تي به شيئر ڪيون ويون آهن جن تي خوشي جو اظهار ڪندي ماڻهن جو ڌيان ڇڪايو ويو آهي ته اهي به ان تي عمل ڪندي صفائي ڪن ۽ حڪومت تي نه ڀاڙين