پشاور (م ڊ) پشاور هاءِ ڪورٽ قومي اسيمبلي جي ميمبر علي وزير جي ضمانت منظور ڪري ورتي، 5 لک رپيا ۽ 2 نفري مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو، پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي ايم جي اسيمبلي ميمبر علي وزير جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جسٽس اشتياق ابراهيم ٻڌڻي ڪئي، علي وزير جي وڪيل شير افضل مروت ۽ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل عدالت ۾ پيش ٿيو، عدالت علي وزير کي 5 لک رپيا ۽ 2 نفري مچلڪن تي ضمانت ڏني.