پشاور (بيورو رپورٽ) ڪي پي جي ضلعي ڊي آءِ خان ۾ ٽن ڏينهن وارو ڊيرا آف روڊ جيپ ريلي پڄاڻي تي پهتو، ريلي جي سخت مقابلن ۾  صاحبزاده سلطان ميدان ماري ويو، هن 120 ڪلو ميٽر وارو ٽريڪ هڪ ڪلاڪ 22 منٽ، 33 سينڪڊن ۾ پورو ڪري پهرين پوزيشن ماڻي، جڏهن ته زين محمود 120 ڪلو ميٽر جو ٽريڪ هڪ ڪلاڪ 22 منٽ 39 سيڪنڊتي پورو ڪري ٻئي نمبر تي آيو، جعفر مگسي هڪ ڪلاڪ 24 منٽ 55 سيڪنڊ تي ٽيون نمبر جڏهن ته نادر مگسي 120 ڪلو ميٽر وارو ٽريڪ هڪ ڪلاڪ 24 منٽ ۽ 15 سيڪنڊن ۾ پورو ڪري چوٿين نمبر تي آيو.