خيرپور (رپورٽر) پنج سال اڳ هنڱورجا واسڻ سباس طاهره شاهه سان پسند پرڻو ڪندڙ نوجوان ڪامران لاڙڪ کي مبينا طور زهر ڏئي مارڻ وارو معاملو ٻيهر ميدان تي اچي ويو آهي. ذريعن مان مليل ڄاڻ موجب ڪامران لاڙڪ کي زهر ڏئي مارڻ واري هنڱورجا ٿاڻي جي ڪيس نمبر 66 سال 2016 ۾ جوابدار ڄاڻايل سيد احسان شاهه ته فوت ٿي چڪو آهي جڏهن ته ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدار تحسين حيدر شاهه، مراد شاهه ۽ شمشاد حيدر شاهه خيرپور جي سينٽرل جيل ۾ قيد جي سزا ڀوڳي رهيا آهن، جوابدارن پنهنجي وڪيل معرفت هاءِ ڪورٽ آف سنڌ بينچ ايٽ سکر ۾ گڏيل ٺاهه جي درخواست داخل ڪرائي هئي جنهن کي ٻڌڻ لاءِ سکر جي هاءِ ڪورٽ خيرپور جي فورٿ ايڊيشنل سيشن جج عبدالرحيم چانڊيو جي عدالت ۾ اماڻي ڇڏيو آهي جنهن جي ٻڌڻي اڄ ٿيڻ جا امڪان آهن. گڏيل ٺاهه واري درخواست ۾ جوابدارن طرفان فوتي ڄاڻايل ڪامران لاڙڪ جي وارثن ۾ صرف ساڻس پسند پرڻو ڪندڙ ناري سباس طاهره کي زال ڄاڻايو ويو آهي.