گهوٽڪي (رپورٽر) ڪراچي ۾ پسند جي شادي ڪري گهوٽڪي ۾ گهر وسائيندڙ عورت مڙس فوت ٿيڻ بعد ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ وٺجي وئي.ميهڙ واسڻ ياسمين سومرو پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته 15سال اڳ گهوٽڪي واسي فيض محمد شيخ سان شادي ڪئي. ڪجهه سال کانپوءِ مڙس روڊ ايڪسينڊنٽ ۾ فوت ٿي ويو، ڪپڙا وڪرو ڪري ٻن نياڻين سميت پنهنجو پيٽ پاليان ٿي، حيدرآباد جي حاجاڻي اسپتال مان آپريشن ڪرايو پر فائدو ناهي پئجي سگهيو، سيني جي ڪينسر ۾ ورتل ياسمين جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر عبدالغني کيس گهران پئسا کڻي اچڻ ۽ گهر جي ڪنهن ڀاتي کي ساڻ وٺي اچڻ بعد ميجر آپريشن ڪرائڻ جو چيو آهي جيڪو کيس ڪرائڻو آهي، پئسا ناهن. عورت ياسمين سومرو سنڌ سرڪار سميت ٻين وس وارن ۽ ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو آهي ته هن جي مالي مدد ڪئي وڃي يا وري سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي ته جيئن هو پنهنجي ٻچڙن سان پنهنجي زندگي جا باقي ڏينهن گذراري سگهي.