پسند جو گانو نه وڄڻ تي ڪنوار جو شادي تقريب ۾ وڃڻ کان انڪار

0
395

ڪراچي(دلچسپ نيوز) شادي جو ڏينهن ڪنهن به شخص جي زندگي جو يادگار ڏينهن هوندو آهي، ان ڏينهن لاءِ ماڻهو ڪيترائي سال ۽ مهينا تياريون ڪندا آهن، پر جيڪڏهن ڪو ٿورو ڪم به مرضي جي خلاف ٿي وڃي ته موڊ خراب ٿيڻ فطري عمل آهي. اڪثر انٽرنيٽ تي شادين جي موقعن تي عجيب غريب وڊيو سامهون اينديون آهن. انسٽاگرام تي دي ويڊنگ برگيڊ نالي پيج تي انتهائي دلچسپ وڊيو شيئر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ناراض ڪنوار پنهنجي گهرڀاتين ۽ دوستن کي پريشان ڪيو. وڊيو ۾ نظر اچي ٿو ته ڪنوار ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چوي ٿي ته اهو ئي لڳندو جيڪو مون چيو هو اهو گانو وڄندو.

سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل اها وڊيو ڀارت جي آهي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪنوار پنهنجي شادي جي تقريب ۾ داخل ٿيڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏي ٿي ڇاڪاڻ ته انٽري وقت سندس پسند جو گانو نه وڄايو ويو آهي، جڏهن ته کيس سندس گهرڀاتي سمجهائيندا رهندا آهن ته ها اهو ئي گانو وڄائي رهيا آهيون. ماڻهن ان پوسٽ تي مختلف تبصرا پڻ ڪيا آهن، ڪنهن پنهنجي شادي جو تجربو شيئر ڪيو ته ڪنهن وري ڪنوار جي حمايت ڪئي.