اسلام آباد (بيورو رپورٽ)  پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ عمران خان سميت ٻين جي عبوري ضمانت ۾ 14 ڊسمبر تائين واڌ ٿي وئي، بينڪنگ ڪورٽ اسلام آباد ۾ عمران خان جي وڪيل نعيم پنجوٿا حاضري کان ڇوٽ واري درخواست داخل ڪرائي، عدالت عمران خان ۽ فيصل مقبول جي طبي بنيادن تي حاضريءَ کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي، ٻڌڻي دوران جوابدار سردار اظهر، سيد يونس، حامد زمان، طارق شفيع، سيف الله نيازي ۽ عامر محمود نيازي عدالت ۾ پيش ٿيا.