اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته سمنڊ پار پاڪستانين جي ملڪ سان محبت ۽ وابستگي بي مثال آهي، ڪورونا وبا باوجود لاڳيتو 10 مهينن تائين پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين 2 ارب ڊالرز تائين رقم موڪلي رڪارڊ قائم ڪيو آهي، ناڻي جا ذخيرا مارچ ۾ 2 ارب 70ڪروڙ ڊالر رهيا.