ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ پنو عاقل پريس ڪلب جي صدر پريل دايو سميت ٽن صحافين کي اغوا ۽ تشدد ڪرڻ واري واقعي خلاف صحافين اسيمبلي اندر اجلاس دوران احتجاجي مظاهرو ڪيو. اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران صحافين سان ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو ويو. ان موقعي تي صحافين غازي جهنڊير، فهيم صديقي، حسن عباس ۽ ٻين چيو ته پنو عاقل جي صحافي پريل دايو سميت ٽن ٺڻن کي اغوا بعد بدترين تشدد جو نشانو بڻايو ويو، پوليس پاران واقعي جو ڪيس داخل به ڪيو ويو آهي پر اڃا تائين جوابدار گرفتار نه پيا ڪيا وڃن، جنهن تي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران واقعي جي اڻڌري جاچ ۽ جوابدارن جي گرفتاري جي خاطري ڪرائي جنهن تي صحافين پنهنجو احتجاج ختم ڪيو.